انباهه شريف

انباهه شريف: درگاهه انباهه شريف، ضلعي شڪاپور جي لکي تعلقي ۾ چڪ جي اوڀر- اتر طرف آهي، جيڪو اصل ۾ صوفي درگاهه نوشهري فيروز جي صوفي شاعر شاهه نصير الدين اول جو صحبتي، همعصر ۽ طالب هو ۽ هن درگاهه جو سلسلو اڄ تائين شاهه نصير جي درگاهه سان قائم آهي. هن درگاهه جو پهريون گادي نشين سائين تاج محمد شاهه اول، ٻيو سائين بگن شاهه اول ۽ ٽيون داتا ولايت علي شاهه هو. کانئن پوءِ بگن شاهه دوم چوٿون گادي نشين ٿيو ۽ هن وقت پنجون گادي نشين سائين جان محمد شاهه آهي.
جيئن ته هيءَ درگاهه ڪچي جي ڀرسان درياهه جي بند/ جهلي بند لڳ آهي، ان ڪري درياهه ۾ جڏهن به چاڙهه ايندو هو ته بند اندر رهندڙ ڪچي جا ماڻهو ۽ مال انبوهن جي صورت ۾ هتي اچي آجهاپ ڪندا هئا. اهو لفظ ’انبوهه‘ غلط العام ٿي ”انباهه“ ٿي ويو ۽ اڄ هن درگاهه کي ”انباهه شريف“ سڏيو وڃي ٿو. هتي هر سال 11 شوال تي سائين فيض درياهه شاهه جو وڏو عُرس ۽ ميلو لڳندو آهي ان کانسواءِ ٻيا ننڍا ميلا لڳندا آهن، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان عقيدتمند هتي اچي حاضري ڀريندا آهن.


لفظ انباهه شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو